SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي تعلقات ۽ بين الاقوامي سياسيات


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي تعلقات ۽ بين الاقوامي سياسيات

IRIP International Relations and International Politics

انٽرنيشنل رليشنس ائنڊ انٽرنيشنل پاليٽڪس

هي ٻه ڌار ڌار علم ۽ مضمون آهن ، پر ڪن مغالطن سبب ٻنهي کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويندو آهي.’بين الاقوامي تعلقات‘ کي ’بين الاقوامي سياست‘ جو نالو نه ٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ جو بين الاقوامي سياست (International Politics) ۽ I.R جي دلچسپيءَ جا ميدان مختلف آهن. جديد دور ۾ ’بين الاقوامي سياست‘ کي I.R جي هڪ شاخ چئي سگهجي ٿي ، البته انهيءَ شاخ جا قاعدا ۽ قانون ڌار آهن . IR سدائين بين الاقوامي ضابطن قانونن تحت ڪم ڪندي آهي، هي مُلڪن جي وچ ۾ معاشي، سماجي ۽ قانوني لاڳاپن کي جوڙڻ ۽ زندگيءَ جي هر رخ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو نالو آهي . جڏهن ته ’بين الاقوامي سياست‘ ۾ هر قوم جي سوچ ويچار ، ڏانءُ ، گهاڙيٽا ۽ مفاد الڳ هوندا آهن. ان ڪري سندس دائرو سفارتڪاري ۽ رياستن وچ ۾ سرڪاري رابطا برقرار رکڻ تائين محدود آهي . I.R ۽ بين الاقوامي سياست ۾ تمام گهڻا فرق آهن پرتنهن هوندي به I.R جا ڪجهه ماهر پراڻي لاڳاپي جي ڪري اُن مضمون کي ’پوليٽيڪل سائنس‘ جي شاخ چون ٿا. انگلينڊ ۽ آمريڪا جا جوڙيل بين الاقوامي ادارا هن خيال جا حامي آهن ته I.R جو علم گهڻ-رخو آهي، پر هن علم جا خاص نُڪتا سياست جي علم منجهان کنيل آهن. انهيءَ ڪري ئي ”ورلڊ پاليٽڪس“، ”فارين افيئرز“ ”انٽرنيشنل پاليٽڪس“ جا علم I.R سان گڏائي پڙهايا وڃن ٿا. ان کان علاوه ’بين الاقوامي تعلقات’ جي اهم فڪري نظرين ، مثال طور، ’معياري نظريي‘ (Normative Theory) ، پرڏيهي پاليسيءَ ۽ معيشت جا شعبا (جن جي I.R ۾ بنيادي حيثيت آهي) کي به پوليٽيڪل سائنس جا ماهر جوڙيندا آهن


Remember Me Also:

ڇڻاٽ

ذ. واڄو ، کَڙڪو ڪنهن ڌاتوءَ جي ٿانءَ، رپئي وغيره جو ، ، ڇِڻِڪاٽ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal